اڀيشيڪ والدا کان وڌيڪ ايشوريا کان ڊڄندو آهي: ڀيڻ جو انڪشاف

news

ممبئي: اڱارو 15 جنوري 2019ع: بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن جي ڌيءَ شوئيتا بچن نندا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ اڀيشيڪ بچن پنهنجي والدا کان وڌيڪ زال کان ڊڄندو آهي.

اداڪار اڀيشيڪ بچن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بالي ووڊ هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر جي شو ڪافي ود ڪرن سيزن 6 ۾ پنهنجي ڀيڻ شوئيتا نندا سان شرڪت ڪئي جتي ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ هڪ ٻئي جي ڪيترن ئي رازن تان پردو کنيو.

شو جي پرومو جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي  رهي آهي جنهن ۾ ريپڊ فائر رائونڊ دوران ڪرن جوهر اڀيشيڪ بچن کان سوال ڪيو ته هو پنهنجي والدا جيا بچن کان  گهڻو ڊڄي ٿو يا پنهنجي گهرواري ايشوريا کان؟ اڀيشيڪ بچن جواب ڏنو  ته هو پنهنجي والدا جيا بچن کان وڌيڪ ڊڄي ٿو.

جڏهن ته سندس ڀيڻ شوئيتا نندا پنهنجي ڀاءُ جو ڪوڙ ظاهر ڪندي چيو ته اڀيشيڪ ايشوريا کان گهڻو ڊڄي ٿو، شوئيتا جي حقيقت بيان ڪرڻ تي اڀيشيڪ گهٻرائجي ويو ۽ ان سان ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته هي منهنجو ريپڊ فائر رائونڊ آهي ان ڪري توکي جواب ڏيڻ نه ڏيڻ گهرجي.