اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ڊي سي پاران شهرين سان کلي ڪچهري، مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڱارو 15 جنوري 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن ٽائون ڪميٽي ۾ ٿيل کليل ڪچهري ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪري پنهنجا مسئلا ٻڌايا، جن جي حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ ڪچهري ۾ موجود ضلعي آفيسرن کي عوامي شڪايتون بنا دير حل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.

کليل ڪچهري ۾ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي اڏيرو لال اسٽيشن محمد حنيف ڇٽو، وائيس چيئرمين قربان علي بهلم، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن مٽياري محمد صابر ڪاڪا، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري امام بخش ڪاڪا، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ ڊاڪٽر خليل احمد سراز، ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري سيد پيرل شاهه، مختيارڪار مٽياري غلام مصطفيٰ شر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ سهولتن جي فقدان بابت ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ چيو ته ضلعي اندر 50 سيڪڙو استادن جون آساميون خالي آهن، هي پوري ضلعي جو مسئلو آهي، استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڊويزنل سطح تي پڻ گڏجاڻي ٿي چڪي آهي. جڏهن ڊسٽرڪٽ آفيسر پرائمري جي چارج هئي ته ضلعي اندر بند پيل 76 پرائمري اسڪول کولرائي اتي استاد مقرر ڪرايا.

هن چيو ته ضلعي جي مختلف اسڪولن اندر مرمت ۽ بحاليءَ جي ڪم جي شروعات ڪري جلد گهربل سهولتون ڏنيون وينديون. پوري ضلعي جي گرلز اسڪولن ۾ فرنيچر، واش رومز، ڪمپائونڊ وال، جون ضرورتون ٻن مهينن اندر مڪمل ڪيون وينديون.

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري اڏيرو لال اسٽيشن ۾ پبلڪ پارڪ، مسافر خانو، راندين جي لاءِ ميدان، ڪميونٽي هال تعمير ڪرڻ ۽ پريس ڪلب توڙي لائبريري لاءِ مناسب جڳهه جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ مختيارڪار مٽياري کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجي اڏيرو لال اسٽيشن شهر ۽ پريس ڪلب اڏيرو لال اسٽيشن جو پڻ دورو ڪيو.

واضح رهي ته مٽياري ضلعي اندر عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ رٿيل کليل ڪچهرين جي شيڊيول مطابق ايندڙ کليل ڪچهري 17 جنوري خميس جي ڏينهن يوسي تاجپور ۾ منعقد ڪئي وئي آهي.01