برطانوي ايوان بريگزٽ معاهدي کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو، ٿريسامي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش

news

 لنڊن: اربع 16 جنوري 2019ع: برطانوي پارليامان وڏي اڪثريت سان بريگزٽ معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آحي، جڏهن ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم ٿريسامي خلاف بي اعتمادي جي رٿ به پيش ڪئي وئي آهي، جنهن تي اڄ ووٽنگ ٿيندي.

برطانوي پارليامينٽ ۾ بريگزٽ معاهدي تي ووٽنگ ٿي، جنهن دوران 202 ميمبرن حق ۾ ۽ 432 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، ايستائين جو ڪنزرويٽو پارٽي جي لڳ ڀڳ 118 ميمبرن مخالفن سان گڏجي ان معاهدي خلاف ووٽ ڏنو. پارليامينٽ مان بريگزٽ معاهدو منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ مخالف ليبر پارٽي جي سربراهه جيريمي ڪوربن وزيراعظم ٿريسامي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ اڄ ايوان ۾ ان کي پيش ڪيو ويندو.

بريگزٽ معاهدي جي پارليامان ۾ منظوري نه ٿيڻ تي وزيراعظم لاءِ وڏو ڌچڪو قرار ڏنو پيو وڃي، ان معاهدي تي ووٽنگ شروعاتي طور تي ڊسمبر ۾ ٿيڻي هئي، پر وزيراعظم ٿريسامي ان وقت به شڪست کي ڏسندي ان کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو.