ملتان ۾ چوريءَ جي شڪ ۾ گرفتار نوجوان پوليس تشدد دوران فوت

news

 ملتان: اربع 16 جنوري 2019ع: ٿاڻي قادرپوران ۾ پوليس چوريءَ جي شڪ ۾ گرفتار نوجوان تي مبينا طور تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن دوران هو فوت ٿي ويو.

نجي ٽي وي مطابق ملتان ۾ ٿاڻي قادرپوران ۾ اهلڪار نويد مبينا طور 27 ورهين جي گرفتار جوابدار محمد عمران تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن کانپوءِ هو پوليس حراست دوران ئي دم ڏنو. عمران کي چوريءَ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس مطابق محمد عمران دم جي بيماري ۾ ورتل هو، اهلڪار نويد کي حراست هيٺ ورتو ويو آهي، جڏهن ته عمران جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.