يورپي ملڪ لگسمبرگ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مفت ڪرڻ جو اعلان

news

 لگسمبرگ: اربع 16 جنوري 2019ع: يورپ جي سڀ کان ننڍي ملڪ لگسمبرگ ۾ بدترين ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت هاڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لگسمبرگ جي موبيليٽي اينڊ پبلڪ ورڪس ٽريفڪ مسئلن کي اڪلائڻ لاءِ مارچ 2020ع تائين سمورن پبلڪ ٽرانسپورٽ کي عوام لاءِ مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

حڪومت جي اعلان کانپوءِ ٽرين، ٽرام ۽ بسن تي شهري مفت ۾ سفر ڪري سگهندا ۽ حڪومت جي ان فيصلي سان آفيسون ويندڙ، ڪاروباري شخصيتن ۽ عام شهري پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪري سگهندا ۽ روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو.