ايشين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي

news

 هانگ ڪانگ: اربع 16 جنوري 2019ع: ايشين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي رهي، جنهن جو سبب برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي پارليمينٽ ۾ برگزٽ معاهدي ۾ وڏي شڪست سبب غير يقيني سياسي صورتحال آهي.

ٽوڪيو جو نڪي 225 انڊيڪس 112.54 پوائنٽ (0.55 سيڪڙو) گهٽتائي سان 20442.75 پوائنٽ تي بند ٿيو. ٽاپڪس انڊيڪس 4.95 پوائنٽ (0.32 سيڪڙو) گهٽائي سان 1537.77 پوائنٽ تي بند ٿيو. هانگ ڪانگ جو هينگ سينگ انڊيڪس وقفي تي 66.71 پوائنٽ (0.25 سيڪڙو) لاٿ سان 26763.58 پوائنٽ رهيو.

ٽوڪيو اسٽاڪ ۾ 0.7 سيڪڙو ۽ شنگهائي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 0.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سڊني، سنگاپور، سينون ۽ ويلنگٽن اسٽاڪ مارڪيٽن ۾0.1 سيڪڙو، 0.2 سيڪڙو ۽ لنگٽن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 0.5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.