سعودي عرب ۾ منشيات جي مصري اسمگلر جي سسي ڌڙ کان ڌار

news

 رياض: اربع 16 جنوري 2019ع: سعودي شهر تبوڪ ۾ هيروئن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مصري شهري جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي آهي.

گهرو وزير بيان ۾ چيو آهي ته مصري شهري ابراهيم المرسي نشي واريون گوريون اسمگل ڪري رهيو هو، جاچ دوران ابراهيم مرسي ڏوهه قبول ڪيو، جنهنڪري مقامي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي هئي، تبوڪ ۾ ان سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي.