نواز شريف سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي نالي مان اڳوڻي وزيراعظم جو نالو هٽايو ويو

news

 لاهور: اربع 16 جنوري 2019ع: نواز شريف سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي نالي مان اڳوڻي وزيراعظم جو نالو هٽايو ويو آهي.

لاهور جي ملتان روڊ تي واقع نواز شريف سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ اسپتال جي نالي مان نواز شريف جو نالو هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهڙي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي آهي.

  اسپتال جو نئون نالو سوشل سيڪيورٽي ٽيچنگ اسپتال رکيو ويو آهي ۽ اسپتال جي نالي جو نئون بورڊ به لڳايو ويو آهي.