سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “ گرانڊ ايجوڪيشنل ايڪسپو” شروع

news

 ڄامشورو: اربع 16 جنوري 2019ع: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي شاگردن جي ايجوڪيشنل سوسائٽيز طرفان گرانڊ ايجوڪيشنل ايڪسپو 2019ع سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شروع ٿي ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت مهمان خصوصي جي حيثيت ۾ هن شاندار ايڪسپو جو افتتاح ڪيو.

ان سلسلي ۾ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي معياري تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين جو پڻ مرڪز بڻجي چڪي آهي، شاگردن توڙي شاگردياڻين کي سندن صلاحيتن جي اظهار جا ڀرپور موقعا ملڻ کان پوءِ اهي مختلف علمي، ادبي، ثقافتي، ذهني چٽاڀيٽي جي پروگرامن ۾ پاڻ مڃرائي رهيا آهن. هن چيو ته هن قسم جون صحتمند سرگرميون تعيلمي ادارن جو شان هونديون آهن، جن ذريعي شاگردن جي همت افزائي ٿيڻ سان گڏ ادارن کي پڻ نئين سڃاڻپ حاصل ٿيندي آهي.

ڊاڪٽر برفت وڌيڪ چيو ته ڄامشورو علم جو مرڪز آهي، جتي ٽي وڏيون يونيورسٽيون علم ۽ شعور جي روشني ڦهلائي رهيون آهن. هنن ٽنهي يونيورسٽين جي شاگردن پاران گڏيل نموني گرانڊ ايجوڪيشنل ايڪسپو 2019ع منعقد ڪرڻ بهترين عمل آهي، جنهن جي اسين نه فقط آجيان ڪريون ٿا، پر هن قسم جي پروگرامن لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو پڻ يقين ڏياريون ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو شيخ اياز آڊيٽوريم، شهيد بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر، سنڌالاجي جو پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم هن وقت يادگار ۽ شاندار علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن جا مرڪز بڻجي چڪا آهن ۽ جتي ڏينهن ٻئي ڪا نه ڪا تقريب منعقد ٿي رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي عالمي معيار جي يونيورسٽي بڻائڻ منهنجو خواب آهي، جنهن لاءِ ڪامياب اڳڀرائين جا سلسلا شروع ٿي ويا آهن، سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪيو ايس ايشيا رينڪنگ ۾ 450 بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿيڻ، آءِ ايس او سرٽيفائيڊ ٿيڻ کان پوءِ تازو اين آر پي يو پاران منظور ڪيل تحقيقي پروجيڪٽس ۾ پاڪستان جي 115 پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين مان سنڌ يونيورسٽي جو 10هين نمبر تي اچڻ ۽ ان جا 30 پروجيڪٽس منظور ٿيڻ اهم ڪاميابي آهي، هنن اهم ڪاميابين ۾ يونيورسٽيءَ جي قابل استادن، آفيسرن سميت سمورن ملازمن جو سهڪار شامل آهي، ان سهڪار ذريعي وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيون وينديون. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي معياري ۽ پرسڪون تعليمي ماحول ۾ هن قسم جون تقريبون ماحول جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافي سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪنديون.

ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف فئڪلٽين جي ڊينز، شعبن جي سربراهن ۽ استادن کي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبدالستار شاهه، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سميرا عمراڻي، گرانڊ ايجوڪيشنل ايڪسپو 2019ع جو ڊائريڪٽر جنرل ارشد خاصخيلي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي سنڌ ايجوڪيشنل سوسائٽي، مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ميوٽ انٽيلجينشيا ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي اسٽڊي ايڊ فائونڊيشن جا آرگنائيزر آفتاب ميمڻ، اشتياق اعظم ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ هن ايڪسپو ۾ ليڪچر پروگرام، ورڪشاپ، تقريرن جا مقابلا، نيلام گهر شو، فوڊ ڪورٽ، پئنل ڊسڪشن، ڊرامن سميت مختلف پروگرام رٿيا ويا آهن، جن ۾ ٽنهي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن مان آيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ حصو وٺندا. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊينز، ڊائريڪٽرز، تدريسي توڙي انتظامي شعبن جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.