زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هاڪي راند جي ڏهه روزه تربيتي ڪيمپ شروع

news

ٽنڊوڄام: اربع 16 جنوري 2019ع:سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ نيشنل بينڪ جي سهڪار سان هاڪي راند جي 10 روزه تربيتي ڪيمپ شروع ٿي وئي آهي. جنهن ۾ اولمپين هاڪي رانديگر محمد انيس ۽ پاڪستاني هاڪي ٽيم جو اڳوڻو عالمي رانديگر فصيح الرحمان هاڪي جي نوجوان رانديگرن ۽ رانديگرياڻين کي هاڪي راند جي تربيت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪيمپ جو افتتاح ايڊوانس سيڊ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اطهر خانزادي ڪيو. جڏهن ته هاڪي راند جي سکيا لاءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو به وڏو انگ گرائونڊ ۾ پهچي ويو، ان کان علاوه حيدرآباد سميت ٽنڊوڄام جي ڀر پاسي جي ٻهراڙي جي علائقن مان به هاڪي جا نوجوان رانديگر ۽ رانديگرياڻيون تربيتي ڪيمپ ۾ حصو وٺي رهيون آهن.

ان موقعي تي نيشنل بينڪ جي اسپورٽس ايونٽ مئنيجر انور فاروقي، ايڊوانس سيڊ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اطهر خانزادي، زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين ۾ هاڪي راند جي حوالي سان وڏو ٽيلينٽ موجود آهي. گهربل سهوليتون ۽ فني ڄاڻ نه هجڻ سبب سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن جا رانديگر اڳتي اچي نه پيا سگهن.

جنهن ڪري نيشنل بينڪ طرفان يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تربيتي ڪيمپ لڳائي هاڪي جي رانديگرن کي سکيا ڏيئي هٿي وٺرائي ويندي ته جيئن قومي ٽيم ۾ هاڪي جا سٺا رانديگر شامل ڪري سگهجن. هاڪي اولمپين محمد انيس ۽ پاڪستان هاڪي جي اڳوڻي عالمي رانديگر فصيح الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي.

هيٺين سطح تائين هن قسم جي تربيتي ڪيمپ لڳائڻ سان ملڪي ٽيم لاءِ تمام سٺا رانديگر پيدا ڪري سگهجن ٿا ۽ عالمي سطح تي هاڪي راند ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو مقام ماڻي سگهجي ٿو. ان موقعي تي هاڪي ڪوچ اختر علي خانزادو، نيشنل بينڪ جو پي آر او عظمت الله خان، قومي هاڪي ٽيم جو رانديگر خضر خانزادو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01