ڪلوئي ۾ بٺي مالڪ پاران مزدورن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو مامرو، زبردستي فيصلو ڪرائڻ جو انڪشاف

news

ڪلوئي: اربع 16 جنوري 2019ع:ڪلوئي ويجهو ونگو پتڻ تي بٺي مالڪ مانجھي سومرو سندس پٽ مختيار سومرو پاران سندس بٺي تي پورهيو ڪندڙ مزدورن تي تشدد جو پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو.

جڏهن ته بٺي مزدورن تي بٺي مالڪن مبينا جرڳو ڪوٺائي زوري زبردستي 20 هزار ڏنڊ ۽ ڪوڙو ڄاڻايل قرضو معاف ڪرايو ويو آهي، جيڪو بٺو مالڪ برداشت ڪندو، جڏهن ته باخبر ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته بٺي مالڪ مانجھي سومرو پاران مبينا طور تشدد جو زوري جرڳو رکرايو ويو ۽ ڪوڙن ڪيسن جا ڊپ ڏئي فيصلو ڪرايو ويو آهي ۽ مبينا طور تي ڪلوئي تعلقي جي ڪيترن ئي بٺن تي پورهيو ڪندڙ مزدورن کان جبري طور پورهيو ڪرايو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي بٺا مالڪ پورهيو ڪندڙن کي روزاني جي بنياد تي تشدد جو نشانو بڻائن ٿا ۽ انساني حقن جون تنظيمون به اڃا تائين منظر تان غائب آهن.01