ثاقب نثار جي دور ۾ ڪيترائي سياستدان نااهل، نوٽيس مٿان نوٽيس، وڌيڪ ڏهه هزار ڪيس رُلي ويا

news

 اسلام آباد: خميس 17 جنوري 2019ع: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پنهنجي 2 سال 17 ڏينهن واري مدي دوران هڪ لک کان وڌيڪ عام سائلين کي انساني حقن جي شڪايتن تي انصاف ڏنو، جڏهن ته التوا هيٺ ڪيسن جو انگ 30 هزار 404 مان وڌي 40 هزار 540 ٿي ويو آهي. سندس دور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما اسڪينڊل ۾ نااهلي کانپوءِ کيس پارٽي سربراهه طور به نااهل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته موبائل فون تي ٽيڪس جي خاتمي جو اهم فيصلو ڏنو ويو.

چيف جسٽس ثاقب نثار ملڪ ۾ پاڻيءَ وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ نئين ڊيمن جي اڏاوت جو ذمو کنيو ۽ چندا مهم شروع ڪئي. چيف جسٽس سرڪار اسپتالن ۾ ناقص انتظامن ۽ سهولتن جي کوٽ تي پاڻمرادو نوٽيس ورتا، جنهن سان اسپتالن جي صورتحال ۾ بهتري آئي، دل جي مريضن لاءِ مهانگي اسٽنٽس وجهڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي اگهه گهٽ ڪرايا.

چيف جسٽس سرڪاري ملازمن جي ٻٽي شهريت، پنجاب جي 56 ڪمپنين ۾ اختيارن کان وڌيڪ پگهارون کڻندڙ سرڪاري آفيسرن خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي سرڪاري ناڻي کي تحفظ ڏنو، عوام کي غير معياري پاڻي، کير ۽ کاڌ خوراڪ تي به پاڻمرادو نوٽيس ورتا. هن پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل کي ختم ڪندي نئين قانونسازي جو حڪم ڏنو، جڏهن ته پي آءِ اي ۾ پائلٽس جي جعلي ڊگرين، خواجا سعد رفيق خلاف ريلوي خسارو ڪيس، سرڪاري ۽ خانگي زمين تي قبضن خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

جسٽس ثاقب نثار 31 ڊسمبر 2016ع تي عدالت عظميٰ جي چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي ڪيس پاناما ليڪس تي بئنچ جوڙيو. اڄ رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس سڀ کان پهريون نوٽيس شاهزيب قتل ڪيس جي جوابدار شاهه رخ جتوئي جي آزادي تي ورتو هو. چيف جسٽس جي دور ۾ اثاثا لڪائڻ جي ڪيس ۾ نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي سڄي زندگيءَ لاءِ نااهل قرار ڏنو.

توهين عدالت جي ڪيس ۾ دانيال عزيز، نهال هاشمي ۽ طلال چوڌري سميت ڪيترن ئي پارليامينٽيرين کي نااهل قرار ڏئي گهر يا جيل ڀيڙو ڪيو. ان دوران التوا هيٺ پيل ڪيسن جو انگ وڌندو ويو، سندس عهدو سنڀالڻ وقت التوا هيٺ پيل ڪيسن جو انگ 30 هزار 404 هو ۽ اڄ التوا هيٺ پيل ڪيسن جو انگ وڌي 40 هزار 540 ٿي ويو آهي.