مهانگن اسڪولن جي فيس ۾ ويهه سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري

news

 اسلام آباد: خميس 17 جنوري 2019ع: سپريم ڪورٽ 5 هزار کان وڌيڪ فيس وٺندڙ مهانگن خانگي اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته 5 هزار کان وڌيڪ فيس تي 20 سيڪڙو گهٽتائي وارو حڪم سڄي ملڪ جي اسڪولن تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ٻارڙن جي فيس ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان استادن جي پگهارن تي ڪو اثر نه پوڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ واضح  ڪيو ويو آهي ته 5 هزار کان گهٽ فيس وٺندڙِ اسڪولن تي اهو حڪم لاڳو نه ٿيندو. عدالت جو چوڻ آهي ته اسڪول مالڪ استادن جي پگهار ۾ گهٽتائي نه ڪندا، جڏهن ته اسڪالرشپس ۽ اسڪولن جي سهولتن تي به فرق نه پوندو، والدين کي توهين جوڳا خط لکندڙ اسڪولن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته شاگرد ۽ سندن والدين گهٽ فيس جمع ڪرائين ۽ والدين اسڪول جي فيس مقرر وقت تائين ادا ڪن. لکت واري فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ايف آءِ اي پاران اسڪولن جي قبضي ۾ ورتل نوٽيس جي ڪاپي ڪري کين رڪارڊ واپس ڪيو وڃي.