هالي ووڊ فلم اسپائيڊر مين: فار فرام هوم جو ٽريلر جاري

news

نيويارڪ: خميس 17 جنوري 2019ع: برائي ۽ خراب منصوبا جوڙيندڙ طاقتن ۽ ماڻهن سان اسپائيڊر مين جي ويڙهه ڪا نئين ڳالهه ناهي، جڏهن ته جلد ئي شوقين ڪوريئڙي جيان وڏين عمارتن تي سيڪنڊن ۾ چڙهندڙ پنهنجي پسنديدا ڪرڪدار کي يورپ جي خطرناڪ طاقتن سان وڙهندي ڏسندا.

جي ها سوني پڪچرز ۽ ڪامڪ ڪردارن تي فلمون ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني مارول اسٽوڊيوز جي ايندڙ فلم اسپائيڊ مين: فار فارم هوم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ کيس هڪ نئين خطي ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي ڏٺو ويو آهي.

اسپائيڊر مين: فار فرام هوم مارول اسٽوڊيو جي 23 هين فلم ۽ 2017ع ۾ رليز ٿيندڙ اسپائيڊر مين: هوم ڪمنگ جو سيڪوئل آهي.

جيتوڻيڪ اسپائيڊر مين جي ڪردار تي پهريان به فلمون ٺهي چڪيون آهن ۽ ان ڪردار ڪيپٽن آمريڪا ۽ اوينجر انفنيٽي وار سميت ٻين فلمن ۾ به ڏٺو ويو آهي. 

جڏهن ته هاڻ ان فلم سيريز جي ٽئين ڪڙي يعني اسپائيڊر مين: هوم ڪمنگ جي سيڪوئل کي جاري ڪيو ويندو، جنهن جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو.

اسپائيڊر مين: فار فراهم هوم کي جيتوڻيڪ 2016ع ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جڏهن ته هاڻ ان جي ٽريلر کي جاري ڪيو ويو آهي.