قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف جي والدا لاڏاڻو ڪري وئي

news

ڪراچي: خميس 17 جنوري 2019ع: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پنهنجي دور جي عظيم وڪيٽ ڪيپر راشد لطيف جي والدا ڪراچي ۾ رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

نجي ٽي وي موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين  راشد لطيف جي والدا ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ هاڻوڪن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن راشد لطيف جي والدا جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آهي.