ڪولمبيا ۾ پوليس اڪيڊمي ٻاهران ڪار بم ڌماڪو، پنج ڄڻا مارجي ويا

news

ڪولمبيا: خميس 17 جنوري 2019ع: ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا ۾ پوليس اسڪول ٻاهران ڪار بم حملي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آمريڪي ميڊيا موجب بگوٽا جي ميئر جو چوڻ آهي ته ڪار بم ڌماڪو جنرل سينٽينڊر پوليس اڪيڊمي ٻاهران ٿيو.

ميئر انرڪ پينالوسا ڌماڪي ۾ پنجن ڄڻن جي مارجڻ ۽ 10 جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ياد رهي ته ڪولمبيا ۾ کاٻي ڌر جي نيشنل لبريشن آرمي سان تعلق رکندڙ باغي قدامت پسند صدر ايون ڊڪ سان اختلافن سبب اڪثر پوليس تي حملا ڪندا رهندا آهن.