ڏندن جو تڪليف ڏيندڙ علاج جو طريقو ماضي جو قصو بڻجڻ جي ويجهو

news

حيدرآباد: خميس 17 جنوري 2019ع: ڏندن جي روٽ ڪينال تمام جلد ماضي جو قصو بڻجي ويندي جنهن جو سبب آمريڪي طبي ماهرن طرفان هڪ نئون علاج جو طريقو هٿ ڪرڻ آهي.

ٽيمپل يونيورسٽي جي ماهرن ڏندن جي خراب يا جيوڙن جي ور چڙهيل ريشن جي جاءِ تي مادو ڀرڻ يا روٽ ڪينال جي مقابلي ۾ نئون طريقو هٿ ڪيو.

هن وقت هر سال ڪروڙين ماڻهن کي ڏندن جي بيمارين يا سرجري کان اڳ روٽ ڪينال جي تڪليف ڏيندڙ مرحلي مان گذرڻو پوندو آهي ۽ اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته روٽ ڪينال ڪيترو تڪليف ڏيندڙ طريقيڪار آهي جنهن کي برداشت ڪرڻ آسان ناهي هوندو.

هاڻ سائنسدانن ان کي آسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نئين علاج جي طريقي جي تحت مريضن جي خراب ڏندن کي اسٽيم سيلز جي مدد سان ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.

تحقيق ڪندڙن موجب ڏند جي ٽشوز کي اسٽيم سيلز مان ٻاهر ڦٽائڻ آسان هوندو ۽ ان جي لاءِ ٽو سائيڊڊ scaffold طريقيڪار اختيار ڪيو جنهن سان اهو عمل آسان ٿي ويو.

اڃان اهو واضح ناهي ته اهو طريقيڪار ڪيتري حد تائين ڪارائتو ثابت ٿيندو ڇو ته اڃان ان کي انسانن تي آزمايو ناهي ويو.