ڊيرا سچا سودا سربراهه گرميت سنگهه سميت چئن ڄڻن کي عمر قيد جي سزا

news

نئين دلي: خميس 17 جنوري 2019ع: صحافي رام چندر چٿريتي جي قتل ڪيس ۾ ڊيرا سچا سودا جي سربراهه گرميت سنگهه سميت چئن ڏوهين کي پنچڪولا جي خاص سي بي آءِ عدالت خميس تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.

صحافي رام چندر ڇترپتي جي قتل ڪيس ۾ ڊيرا سچا سودا جي سربراهه گرميت سنگهه سميت چئن ڏوهارين کي پنچڪولا جي خاص سي بي آءِ عدالت خميس تي عمرقيد جي سزا ٻڌائي، گرو گرميت کي سزا وڊيو ڪانفرنسنگ وسيلي ٻڌائي وئي.

ان کان اڳ گرميت سنگهه سميت ٽن ٻين ڏوهارين کي وڊيو ڪانفرنسنگ وسيلي جج آڏو پيش ڪيو يوو، فيصلو ٻڌندي ئي رام رحيم جي منهن تي ڏک ڇانئجي ويو، جج آڏو گرو گرميت جي وڪيل گهٽ سزا جو مطالبو ڪيو، جرنلسٽ جي خاندان طرفان ڦاهي جي سزا جو مطالبو ڪيو ويو هو.

ان وچ ۾ جرنلسٽ رام چندر ڇٿرپتي جي ڌيءَ شرياسي پهريون ڀيرو ميڊيا آڏو آئي ۽ ڊيرا سچا سودا سربراهه گرميت سنگهه لاءِ ڦاهي جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته سندس خاندان هڪ ڊگهي قانوني جنگ وڙهي آهي ۽ سندس ماءُ ڪجهه برداشت ڪيو آهي.