قومي ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ سفارشن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي: خرم منظور

news

لاهور: خميس 17 جنوري 2019ع: ٽيسٽ ڪرڪيٽر خرم منظور پي سي بي ۾ سفارشي ڪلچر جا پول پڌرا ڪري نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽ حلقن ۾ نئين بحث شروع ٿي وئي آهي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خرم منظور چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڳري سفارش جي ضرورت هوندي آهي اوهان ڊوميسٽڪ ۾ چاهي جيتري مرضي پرفارم ڪري وٺو پر جيستائين اوهان وٽ اسلام آباد ۾ ڪنهن سياسي شخصيت سان رابطو ناهي ڪيو تيستائين اوهان ٻاهر ويٺا رهندو.

خرم منظور وڌيڪ چيو ته مان انگلينڊ ۾ ڪائونٽي کيڏڻ لاءِ ان لاءِ ناهيان ويندو جو پاڪستان ۾ پوري ڊوميسٽڪ سيزن کيڏان ۽ ٽيم ۾ ڪم بيڪ ڪريان پر مون وٽ سفارش ناهي ان لاءِ مان ٽيم ۾ نه ٿو اچي سگهان.