آمريڪي ڪمپني ”ڪارگل“ پاران پاڪستان ۾ ويهه ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

news

 اسلام آباد: جمعو 18 جنوري 2019ع: آمريڪي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر ڪمپني ڪارگل پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي.

ڪارگل ڪمپني جي هيڊ آف گلوبل اسٽريٽيجي ۽ چيئرمين ڪارگل ايشيا پيسفڪ ريجن مارسل اسمثٽس جي سربراهي ۾ ڪارگل ايگريڪلچرل سپلاءِ چين جي صدر گرٽ جين وان ڊين تي ٻڌل هڪ ايگزيڪيٽو ٽيم وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين سينيئر آفيسرن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪمپني جي سيڙپڪاري منصوبن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ڪارگل ڪمپني ايندڙ ٽن يا پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ زرعي واپار، سپلاءِ چين، خوردني تيل، ڊيري مصنوعات، گوشت ۽ انيمل فيڊ جي مارڪيٽ ۾ 20 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ملاقات دورانس وزيراعظم ڪمپني جي وفد کي سهڪار جو يقين ڏياريو.