سعادت حسن منٽو کي وڇڙئي چوهٺ سال گذري ويا

news

 لاهور: جمعو 18 جنوري 2019ع: اردو افسانا نگاري کي بلندين تائين پهچائيندڙ سعادت حسن منٽو جي 64هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.

منٽو جي زندگي پاڻ بيوسي، بيماري، ناقدري جي الميي جي هڪ ڪهاڻي هئي. سعادت حسن منٽو 11 مئي 1912ع ۾ لڌيانا ۾ پيدا ٿيو، هن عظيم افساني نگار هميشه معاشري جي ڏکوئيندڙ رڳ تي هٿ رکيو، سعادت حسن منٽو پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي لفظن جا موتي پارائي هميشه لاءِ امر ٿي ويو. منٽو جي لکيل مضمونن، خاڪن ۽ ڊرامن به ڪيتري ئي شهريت حاصل ڪئي.

سعادت حسن منٽو پنهنجي مقالي ۾ پاڻ لکندو هو ته اهو ممڪن آهي ته سعادت حسن مري وڃي ۽ منٽو زندهه رهي. 18 جنوري تي مداحن کان وڇڙي ويل سعادت حسن منٽو پنهنجي قبر جو ڪتبو به پاڻ لکيو هو.