ڪراچي کان ڪوئيٽا جو سفر سمهي ڪريو، سليپنگ بس متعارف

news

 ڪراچي: جمعو 18 جنوري 2019ع: بس واري ڊگهي سفر کي طئي ڪرڻ جو خيال ايندي ئي بيزاري ٿيندي آهي، پر هاڻي ڪراچي کان ڪوئيٽا وچ ۾ اهڙي بس سروس شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي مسافر تمام ڊگهو ئي سفر ڪرڻ چاهيندو. ڪراچي کان ڪوئيٽا سفر ڪندڙ ماڻهن لاءِ جديد سهولتن ۽ سڪون واري سليپنگ بس متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ مسافر کائڻ پيئڻ سان گڏ سمهي به سگهندا.


ڪراچي جي علائقي صدر مان سهولتن سان ڀرپور سليپنگ بس ڪوئيٽا لاءِ هر ٻن ڏينهن کانپوءِ روانو ٿيندي، جنهن ۾ مسافرن کي کائڻ پيئڻ کانسواءِ سمهڻ جي به سهولت ميسر هوندي. بس ۾ مسافر پنهنجي سيٽ تي سڪون سان ليٽي سامهون لڳل ايل اي ڊي تي پنهنجي پسند جون فلمون به ڏسي سگهندا. بس جو ڀاڙو 3 هزار رپيا رکيو ويو آحي، جنهن ۾ مسافرن کي مفت کائڻ پيئڻ ۽ بوتلون به مهيا ڪيون وينديون.

ملڪي سطح تي معياري بس سروس متعارف ڪرائڻ واري ڪريم داد بس سروس جو سلوگن (سليپ ويل لوويل) رکيو آهي، يعني هاڻي ڪراچي کان ڪوئيٽا جو اٽڪل 10 ڪلاڪ وارو سفر نه رڳو 7 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو پر مسافر سمهي سفر ڪري سگهندا.