ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي مئچن جون ٽڪيٽون بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

news

 لنڊن: جمعو 18 جنوري 2019ع: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع جي آن لائن ٽڪيٽن جو بليڪ تي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ انتظاميا ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ورلڊ ڪپ 2019ع جون ڪجهه ٽڪيٽون 12 هزار پائونڊ کان به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، جڏهن ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ لارڊز ۾ رٿيل ميچ جي ٽڪيٽ ويب سائيٽ تي 104 ڀيرا وڪرو ٿي آهي. انگلينڊ ۽ آسٽريليا ميچ جي 150 پائونڊن واري ٽڪيت بليڪ ۾ 12 هزار پائونڊن ۾ وڪري لاءِ موجود آهي. اهڙي ريت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جون ٽڪيٽون به بليڪ تي وڪرو ٿي رهيون آهن، پاڪ ڀارت ميچ جي 150 پائونڊن واري ٽڪيٽ بليڪ ۾ 3 هزار 800 پائونڊن ۾ وڪري لاءِ آئن لائن موجود آهي.

ٻئي پاسي عالمي ڪپ انتظاميا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ ٽڪيٽ ”ري سيل“ ڪرڻ قانوني طور ڏوهه ناهي پر بليڪ جو اگهه قبول ناهي، ٽڪيٽن جي بليڪ مارڪيٽ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع 30 مئي کان 14 جولاءِ تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ کيڏيو ويندو.