جيڪب آباد ۾ ڊي اي او تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي اسڪولن جا دورا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ليٽر جاري

news

جيڪب آباد: جمعو 18 جنوري 2019ع:جيڪب آباد جي تعليم کاتي ۾ گوسڙو ملازمن ۽ غيرقانوني طور کاتي ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن کي بچائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزالا ٿهيم پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قانون جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ۽ ضلعي جي ٽنهي تعلقن ٺل، ڳڙهي خيرو ۽ جيڪب آباد جي ٽنهي ايليمينٽري سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي اسڪولن جا دورا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزالا ٿهيم پاران ليٽر نمبر DEO/(ES&HS)7815 وسيلي ٽنهي تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته اوهان ڪنهن به سيڪنڊري يا هائير سيڪنڊري اسڪول جا دورا نه ٿا ڪري سگهو، ڇاڪاڻ ته انهن اسڪولن ۾ اوهان کان سينيئر 18 گريڊ جا آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. هوڏانهن تعليم کاتي جي قانوني ماهرن ۽ تعليم کاتي پاران تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي مليل ذميوارين ۾ سڀ کان اهم ۽ ضروري ذميواري ئي اسڪولن جا دورا ڪري ڊيوٽي نه ڪندڙ ۽ پنهنجي فرضن ۾ڪوتاهي ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ آهي.

گذريل ڪجهه ڏينهن دوران تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جيڪب آباد نظير عمراڻي پاران تعلقي جيڪب آباد جي مختلف اسڪولن ۾ دورا ڪري ڪيترن ئي غيرحاضر رهندڙ استادن توڙي ملازمن کي شوڪاز نوٽس جاري ڪيا هئا ۽ کائنس وضاحب پڻ طلب ڪئي وئي هئي ته نوڪري نه ڪرڻ جي وضاحت ڪن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

تعليم کاتي جي پختي ذريعن موجب تعلقه ايجوڪيشن جيڪب آباد جي اهڙي عمل بعد شهر جي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزاله ٿهيم مٿان اهڙو زور ڀريو ته تعلقه ايجوڪيشن آفيسر اسان کان جونئير آهي جيڪو اسان جي اسڪول اچي ملازمن کي تنگ ڪري ٿو انهي لاءِ اوهان سندس دورا بند ڪرايو ڇاڪاڻ ته انهي سان گوسڙو ملازمن کي تڪليف پهچي ٿي هاءِ اسڪول جي هڪ هيڊ ماسٽر ۽ ڊي اي او پاران انهن گوسڙو ملازمن کي بچائڻ خاطر اهڙو ليٽر جاري ڪيو ويو.

جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزاله ٿهيم سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي ته سندس پاران مسلسل رابطي ۾ نه اچڻ سبب رابطو نه ٿي سگهيو ٻئي پاسي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جيڪب آباد نظير احمد عمراڻي رابطو ڪرڻ تي چيو ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزالا ٿهيم اسڪولن جا دورا نه ڪرڻ واري ليٽر جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي اسان کي سيڪريٽري تعيلم پاران ذميواريون مليل آهن ۽ اسين اهي ذميواريون نڀائي رهيا آهيون ۽ نڀائيندا رهنداسين.

گذريل ڪجهه ڏينهن دوران مون شهر جي ڪجهه اسڪولن مان 50 کان وڌيڪ ماسترن کي غيرحاضر رهڻ تي شوڪاز ليٽر جاري ڪيا هئا جنهن جي ايڪشن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ايس ايم اي جي هيڊ ماستر مشتاق سڌايو پنهنجي هيڊ ماستر يونين جي زور تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر تي زور ڀري اهڙو غيرقانوني ليٽر ڪڍرايو آهي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزالا ٿهيم کي اهو ليٽر رد ڪرڻو پوندو ۽ اسين اسڪولن جا دورا ڪندارهنداسين پريشر ۾ نڪتل ليٽر جي ڪا به حيثيت نه آهي.01