بدين ۾ جروار برادري پاران ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف احتجاجي مظاهرو

news

بدين: جمعو 18 جنوري 2019ع:ٽنڊوباگو جي ڏئي شهر ڀرسان ڳوٺ بنده علي جروار جي ڳوٺاڻن نورالواردين جروار، الله بخش جروار، علي  رضا جروار، قمرالدين جروار، عبدالجليل ڪريم الله جروار ۽ قديرالدين جروار بدين پريس اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 5 جنوري تي اسان جي زمين ۾ ٻڪريون چارڻ ۽ وڻ ڍڻ تان منع ڪرڻ تي مخالفن غلام عباس عرف پپو جروار، رمضان، عمران، علي مصطفيٰ، صدام  الطاف ۽ علي احمد وارن جي ڀاءُ نظير احمد جروار وارن  ڪھاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري اصغر جروار، نورالدين، جبار، الله بخش جروار کي  سخت زخمي ڪيو آهي، جنهن جو ڪيس ڏيئي ٿاڻي  تي  داخل آهي، پوليس ايف آءِ آر ۾ شامل ٻن جوابدار غلام عباس عرف پپو  ۽ عمران جروار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هنن الزام هنيو ته مخالف علي احمد جروار وارا اسان کي زيربار ڪرڻ لاءِ ۽  داخل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪوڙا ڊرامان رچائي اسان کي ڪوڙن  ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا. هنن وڌيڪ الزام هنيو ته مخالف علي احمد جروار منشيات فروش ۽ ڏوھاري قسم جو ماڻهو آهي، جيڪو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي گارگند ڪري مختلف طريقن سان تنگ پڻ ڪري رهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي  ڪري اسان کي جان ۽ مال جو  تحفظ فراھم ڪيو وڃي.01