گهانا ۾ ڪرپشن کي بي نقاب ڪندڙ صحافي قتل

news

ڊاڪر: جمعو 18 جنوري 2019ع: اوڀر آفريڪي ملڪ گهانا ۾ فٽبال ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي بي نقاب ڪندڙ صحافي احمد حسين کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.

عالمي خابرو اداري موجب آفريڪي ملڪ گهانا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار صحافي احمد حشين صالح کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، احمد حسين آفيس کان پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته هٿياربندن جو نشانو بڻجي ويو.

احمد حسين ملڪ جي مقبول راند فٽبال ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف جاچ ۾ مصروف هو ۽ ڪيترائي اسڪينڊل بي نقاب ڪيا هئا جن ۾ 77 ريفريز ۽ گهانا فٽبال جي سربراهه تي رشوت وٺڻ جو معاملو به شامل آهي.

احمد حسين هڪ انويسٽيگيشن ٽيم جو حصو به هو جيڪا انڊر ڪور جاچ لاءِ شهرت رکي ٿي. انڊر ڪور ٽيم جي سربراهه پنهنجي ڪوليگ جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ جي اهم عهدن ي ويٺل اختيارين جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ جي عزم سان پوئتي نه هٽنداسين.