ٽنڊوآدم ۾ زميندار فيصل عباسي تي فائرنگ وارو واقعو، اٺ شڪي جوابدار گرفتار

news

ٽنڊوآدم: جمعو 18 جنوري 2019ع:ٽنڊوآدم ۾ هٿياربندن پاران گوليون هڻي زخمي ڪيل ڪراچي واسي زميندار جي واقعي بعد پوليس 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو.

رپوٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڪراچي واسي زميندار فيصل عباسي جي واقعي ۾ پوليس مختلف هنڌن جي ڇاپا هڻي 8 شڪي جوابدارن نياز جوڻيجو، مصري جوڻيجو، برڪت جوڻيجو، خان خاصخيلي، لکاڏنو خاصخيلي، حبدار ابڙو ۽ ٻين کي گرفتار ڪري جاچ ڪري رهي آهي.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ايوب بروهيءَ جو چوڻ آهي ته جوابدارن  جي سڃاڻپ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ٻئي طرف پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران سلطان خاصخيلي، سليم چيمه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ فيصل عباسي تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.01