ٽنڊوآدم ۾ فوٽ بال مئچ، صوبائي وزير محمد بخش مهر جي ٽيم منسٽر اليون ڪامياب

news

ٽنڊوآدم: جمعو 18 جنوري 2019ع:ٽنڊوآدم ۾ منسٽراليون ۽ سينيٽر اليون وچ ۾ فوٽ بال جو شو مئچ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر راند ۾ حصو ورتو ۽ سندس ٽيم ڪاميابي ماڻي، رانديگرن ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون ويون، ٽنڊوآدم اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير ۽ اسپورٽس هفتو ملهائڻ جو اعلان.

رپوٽ موجب ٽنڊوآدم جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي نالي سان پ پ سينيٽر امام الدين شوقين ۽ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي ٽيمن منسٽر اليون ۽ سينيٽر اليون وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر پڻ راند ۾ حصو ورتو، سخت مقابلي بعد منسٽر اليون هڪ گول تان ڪاميابي ماڻي ٽرافي پنهنجي نالي تي ڪئي.

ان موقعي تي ونر اپ ۽ رنر اپ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ ميڊل ورهايا ويا، جڏهن ته مختلف راندين ڪرڪيٽ، جمناسٽڪ، ايٿليٽڪ ۽ ٻين راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندر رانديگرن جهانزيب جوڻيجو، جاويد اعواڻ، انور بهڻ ، زبير امام ۽ ٻين کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون، اسڪائوٽس ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ تي مرزا اشفاق بيگ کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو.

ان موقعي تي پ پ سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين، مهمان خاص سردار محمد بخش مهر، ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق، ذوالفقار روشن، غياث الدين جوڻيجو، اي ايس پي اظهر مغل، اسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي، ڊي ايس پي محمد ايوب بروهي ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ورهايا.

ان موقعي تي پ پ سينيٽر امام ايدين شوقين پاران رانديگرن ۽ ڪمپيئرنگ ڪندڙ لطيف چارلي کي روڪ انعام ڏنا، سينيٽر امام الدين شوقين پاران اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير ۽ اسٽاف ڏيڻ جي گهر ڪئي، جنهن بعد صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير ۽ ترقي، اسٽاف ڏيڻ سميت ٽنڊوآدم ۾اسپورٽس هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ راندين جي حوالي سان وڏو ٽيلنٽ موجود آهي پر  قومي ليول تي ٿيندڙ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين ۾ سنڌ کي ڪابه نمائندگي ڪانهي ان لاءِ مون وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته سنڌ جي رانديگرن کي ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين ۾نمائندگي ڏني وڃي.01