ضلعي مان پوليو جي پاڙ پٽڻ لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: ڊي سي دادو

news

دادو: جمعو 18 جنوري 2019ع:دادو ڊپٽي ڪمشنر دادوراجه شاهه زمان کهڙو چيو آهي ته صحت کاتي ڊاڪٽرن  ۽ پوليوجا ڦڙا پيارڻ واري ٽيمون پنهنجا فرائض ايمانداري سان نڀائين، جيئن پوليو جهڙي موذي مرض جو خاتمو آڻي سگهجي. اهڙو اظهار هن ڊسٽرڪٽ پوليو ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته دادو ضلعي مان پوليو جي پاڙ پٽڻ لاءِ صحت کاتي سان اسان سڀني کي هن ڪاز کي قومي فرض سمجهي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين کاتن جا عملدار صحت کاتي سان هرممڪن تعاون ڪن، اجلاس ۾ ڊي سي سختي سان هدايت ڪندي سڀني عملدارن کي چيو ته هن ڪم ۾ لاپرواهي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن کي هرگز معاف نه ڪبو، انهن خلاف سخت قانوني قدم کنيو ويندو. چاهي هو ڪيترو به بااثر رسوخ ڇونه رکندو هجي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوچ چيو ته ايندڙ چئن ڏينهن واري پوليو مهم 21 کان 24 جنوري 2019 تي ضلعي جي 3 لک 51 ھزار 7 سئو 73  ٻارڙن کي پوليو جي بچاءَ کان ڦڙا پياري سڄي عمر معذور ٿيڻ کان بچاءَ ئي سگهجي ٿو، ان ڪم کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجون سڀئي وسيلا ۽ صلاحتيون ڪتب آڻين، اجلاس ۾ ڊي سي چيوته هن پوليو مهم کي ڪامياب ڪن، مائيڪرو پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، لوڪل ٽيم کي اوليت ڏني وڃي ۽ هاءِ رسڪ يونين ڪائونسل تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڪم جي رپورٽ درست ڏني وڃي، غلط رپورٽ جي جاچ ڪرڻ بعد انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نظير احمد سومرو چيو ته پوليو مهم دوران جيڪي والدين ٻار کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ ڏين ۽ ڦڙن پيارڻ وارين ٽيمن کي يا منٽرنگ ڪندڙن پنهنجي ڪم ڪار ڪابه دشواري يا ڪي مسئلا پيش اچن ته ان جو اطلاع فوري طور تي ضلعي انتظاميا کي ڏين ته جيئن ۽ اسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ يونين ڪائونسل سيڪريٽري يا چيئرمين گڏجي انڪارڪندڙ والدين  سان روبرو ملن ۽ انهن کي  پوليو ڦڙن پيارڻ جي اهميت بابت ڄاڻ ڏين ۽ راضي ڪن ۽ ٻيا به گهربل مسئلا بروقت حل ڪيا وڃن ۽ ضلعي جي چار روزه پوليو مهم دوران ضلعي جي پڪي.

ڪچي ۽ ڪاڇي جي ڏورانهن ۽ شهري علائقن ۾ گهر گهر وڃي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون ۽ انهن ٽيمن کي برف، ويڪسين، ٽرانسپورٽ ۽ سيڪورٽي سان گڏ جائز سهولتون  فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نظير احمد سومرو،  ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر  آفيسر ذوالفقار علي ڏيٿو ۽ هينڊز جي ضلعي مئنيجر ڊاڪٽر عبدالعزيز ٻٻر، ريجنل مئينجر فيروز احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالعزيز چانڊيو، ارڙي جو ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شاهد شيخ، روينيو ۽ صحت جي عملدارن شرڪت ڪئي.01