راولپنڊي ڀرسان گهر اندر باهه، ٻه عورتون ۽ هڪ نينگر سڙي فوت

news

 راولپنڊي: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: راولپنڊي جي علائقي ڍوڪ چوڌريان ۾ هڪ گهر اندر باهه جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

امدادي ٽيم مطابق فائربرگيڊ کي صبح سوا 6 وڳي ڍوڪ چوڌريان ۾ واقع چڪلالا اسڪيم ٿري جي هڪ گهر ۾ باهه جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن تي امدادي ٽيمون اتي پهتيون ته 3 لاش موجود هئا.

پوليس مطابق فوت ٿيندڙن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ 13 ورهين جو نينگر شامل آهن، لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته باهه گئس ليڪيج سبب لڳي آهي.