چيف جسٽس پاڪستان جو سوشل ميڊيا تي ڪوبه اڪائونٽ ناهي: سپريم ڪورٽ جو ترجمان

news

 اسلام آباد: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: سپريم ڪورٽ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن بابت وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ڪو به اڪائونٽ ناهي. هن چيو ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي نالي سان سوشل ميڊيا تي ٺاهيل اڪائونٽ جعلي آهن.

سپريم ڪورٽ جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي کي قانون موجب ڪارروائي ۽ سوشل ميڊيا تان سمورا جعلي اڪائونٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.