پيراگون اسڪينڊل: خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ستن ڏينهن جي واڌ

news

 لاهور: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: احتساب عدالت خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيب جي ٽيم پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ۾ گرفتار ن ليگي اڳواڻ ڀائرن خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءَ سلمان رفيق کي سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت آندو.

ان موقعي تي عدالت ٻاهريان ن ليگ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته نيب جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته بئنڪ اڪائونٽس بابت جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. خواجا ڀائرن جي وڪيل نيب جي موقف جي مخالفت ڪندي چيو ته اڃا جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي، پيراگون سان خواجا ڀائرن جو ڪو تعلق ناهي، ان ڪري جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب جي جسماني رمانڊ واري اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي نيب جي اپيل منظور ڪندي خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ 7 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.