ساهيوال واقعو: آءِ جي پنجاب پاران رپورٽ طلب، مارجي ويل دهشتگرد آهن: سي ٽي ڊي

news

 ساهيوال: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: ساهيوال ڀرسان سي ٽي ڊي پاران ڪار تي فائرنگ ڪري ٻن عورتن سميت چار ڄڻن کي مارڻ واري واقعي جو آءِ جي پنجاب امجد جاويد سليمي نوٽيس ورتو آهي، آءِ جي پنجاب آر پي او ساهيوال کان ترت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻئي پاسي سي ٽي ڊي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق ٽول پلازه ڀرسان سي ٽي ڊي ٽيم هڪ ڪار ۽ موٽرسائيڪل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڪار ۾ سوار ماڻهن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ ٻن عورتن سميت چار دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 3 دهشتگرد فرار ٿي ويا آهن.

سي ٽي ڊي ترجمان مطابق مارجي ويل هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ ذيشان طور ٿي آهي، جيڪو پابندي مڙهيل تنظيم داعش جو مقامي اڳواڻ هو، جڏهن ته فرار ٿيلن ۾ شاهد جبار، عبدالرحمان ۽ سندن هڪ ساٿي شامل آهي، واقعي واري هنڌ تان آپگهاتي جيڪٽس، دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ سي ٽي ڊي پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته ڪار ۾ اغوا ڪندڙ موجود هئا، جيڪي ٽن ٻارڙن کي اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته ساڻن مقابلو ٿيو.

ٻئي پاسي اکين ڏٺن شاهدن مطابق سي ٽي ڊي پوليس ٻارڙن کي پهريان پيٽرول پمپ تي ڇڏي ڏنو، ٿوري دير کانپوءِ انهن کي موبائل ۾ ويهاري اڻڄاتل هنڌ نيو ويو آهي، فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙو پڻ زخمي ٿيو آهي.