تحريڪ انصاف حڪومت جي رويي مان نٿو لڳي ته هو پنهنجو مدو پورو ڪندي: خواجا سعد رفيق

news

 لاهور: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت جي رويي مان نٿو لڳي ته هو پنهنجو مدو پوري ڪندي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجن مهينن جي حڪومت ۾ پاڪستان جي معيشت جا بنياد لڏي چڪا آهن، عوام پي ٽي آءِ وارن کي پٽي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شيءَ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي پر هاڻي اهو دور نه رهندو ۽ وقت تبديل ٿيندو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي رويي مان نه ٿو لڳي ته اها پنهنجو مدو پورو ڪندي، حڪومت پنهنجي وزن سان پاڻ کي ڪيراڻ چاهي ٿي، عمران خان پنهنجو مدو پورو نٿو ڪرڻ چاهي، جڏهن ته مينڊيٽ نه مڃڻ باوجود اسان چاهيون ٿا ته سسٽم هلي.