چوڌري ڀائرن سان معاملا طئي ٿي ويا آهن: فياض الحسن چوهاڻ جي دعويٰ

news

 لاهور: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته  چوڌري ڀائرن سان معاملا طئي ٿي ويا آهن.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته چوڌري پرويز الاهي ۽ عثمان وزدار جي ملاقات ٿي آهي ۽ مسئلو حل ٿي چڪو آهي، چوري ڀائرن کي خبر آهي ته ڪير سندن دوست ۽ ڪير دشمن آهي. هن چيو ته چوڌري ڀائر سڀ کان وڌيڪ ذهين ۽ مڃيل سياستدان آهن، مخالفن جي خواهش پوري نه ٿيندي،  چوڌري ڀائر نظام جا اهم پلر آهن.

اطلاعات واري وزير چيو ته عمار ياسر جو معاملو پنجاب جي وڏي وزير بابت ناهي، هو پنجاب جي وڏي وزير سان پاڻ ڳالهائي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها، عمار ياسر اسان جو ساٿي آهي ۽ اسان سان گڏ رهندو.