ننڍي عمر جون شاديون اخلاقي ۽ قانوني طور ڏوھ آھن: سکر ۾ سيمينار

news

سکر: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع:ناري فائونڊيشن روزن جي سهڪار سان ننڍي عمر جي شادين ۽ صنفي تشدد روڪڻ ۾ عوام دوست پوليس جو ڪردار جي سري هيٺ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ سيمينار ۽ ٿيٽر ڪرايو.

سيمينار ۾ ڳالهائيندي ناري فائونڊيشن جي وحيد مهر، شڪيلا ڪنول، رخسانه منگي، روزن جي ڊسٽرڪٽ آفيسر  انور علي مهر، نسيم لاکو، غلام مرتضيٰ گهانگهرو، صباڀٽي، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، صحافي مشتاق ٽانوري ۽ ٻين چيو ته پوليس ۽ عوام گڏجي مسئلن ۽ ڏوهن کي روڪي سگهن ٿا. ننڍي عمر جون شاديون اخلاقي ۽ قانوني طور ڏوھ آھن.

اهڙيون شاديون روڪرائڻ ۽ ان قانون تي عمل ڪرائڻ پوليس سان گڏ عوام جي به ذميواري آھي. هنن چيو ته صنفي تشدد جا وڌندڙ واقعا پوليس جي ذميواري کي وڌائن ٿا. قانون جي بالادستي سان اهڙن واقعن جي رستي روڪ ڪري سگهجي ٿي.

هنن چيوته پوليس ۽ عوام جو رابطو ڳنڍجڻ  لازمي آھي. سيمينار جي آخر ۾ وائيس آف نيو جنريشن جي گروپ ٿيٽر پيش ڪيو.

شرڪت  محمد علي عباسي، اسلم سيال، ثنا عباسي، ماجده عباسي، اڪرام چانڊيو، رياض احمد ڪاڪا ۽ شاگردياڻين شاندار پرفارمنس تي فنڪارن کي تاڙيون وڄائي داد ڏنو.

سيمينار ۾ ثناميمڻ، نيلم ناز چنا، حفيظ مهر، جميل وڌيو ۽ سلمان ڀٽي سميت استادياڻين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.01