ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس اهلڪار پاران سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جو احتجاج

news

 ميرپورماٿيلو: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع:ميرپور ماٿيلو ويجهو پراڻي مهرو واھ تي پوليس اهلڪار مير مهر قبضو ڪري ورتو آهي.

جڏهن ته پوليس اهلڪار مير مهر قبضي واري هنڌ پوليس موبائيل بيهاري غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن تي پريشر وجھي ٽريڪٽرن ذريعي پراڻي مهرو واھ کي ٽوڙي زمين ٺاهي رهيو آهي.

جڏهن ته بااثر پوليس اهلڪار مير مهر ڏاڍ مڙسي ڪري ڳوٺاڻن کي دڙڪا ڏئي سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ايريگيشن کاتي کي اطلاع ڏنو پر ايريگيشن کاتي خاموشي اختيار ڪري ورتي ۽ ڊي سي گهوٽڪي پڻ ٻوٽو ناهي ٻاريو.

ٻئي طرف ڳوٺاڻن پاران بااثر پوليس اهلڪار مير مهر خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو پڻ مطالبو  ڪيو آهي.01