اسلام آباد: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد جي پاڪستان ۾ قيام ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
سفارتي ذريعن مطابق آمريڪي نمائندو خاص زلمي خليل زاد کي اڄ واپس وڃڻو هو پر طالبان سان ملاقات جي اميد ڪارڻ هن پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني آهي. ذريعن مطابق زلمي خليل زاد جي واپسي جي تاريخ في الحال فائنل ناهي ڪئي وئي، واپسي جي تاريخ بابت آمريڪي سفارتخانو پرڏيهي آفيس کي ٻڌائيندو.
واضح رهي ته افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اسلام آباد ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ٿيڻ کانپوءِ زلمي خليل زاد جي پاڪستان ۾ قيام ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.