ٽنڊو محمد خان ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊو محمد خان: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع:ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ غازي خان لغاري مان 14 سالا نينگري ڪوثر پروين لغاري کي بااثر جوابدارن  هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرائي سندس ننڍي عمر هجڻ باوجود غير قانوني طور عبدالحسين سان نڪاح ڪرايو ويو آهي.

جنهن کانپوءِ مسلسل اسان خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي اسان جا رستا روڪ ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي کيس تان دستبردار ڪرڻ جي مليل ڌمڪين خلاف ڳوٺاڻن غلام علي لغاري، علي احمد لغاري، عبدالله لغاري، غلام مصطفيٰ لغاري ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف لاءِ نعريبازي ڪئي.

هنن چيو ته اسان کي ملندڙ قتل جي ڌمڪين مان هاڻي اسان کي حياتين جو خطرو آهي، ڪنهن به وقت اسان کي بااثر ماڻهو ڳوٺ تي حملو ڪري عورتن، مردن ۽ ٻارن کي قتل ڪرائي سگهن ٿا. جنهن ڪري اسان جا ٻار اسڪولن ۾ نه وڃي رهيا آهن.

ٻئي طرف ڳوٺاڻن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ غازي لغاري مان اغوا ڪرايل 14 سالن جي نينگري ڪوثر پروين کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ بااثر ماڻهن عالم لغاري، اشرف لغاري، گل زمان، رياض، بادل سان گڏ عبدالحسين لغاري کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي پڻ پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.01