شام ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ مارجي ويل چار ئي آمريڪي انٽيليجنس آفيسر هئا

news

منبج: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: شام ۾ هڪ خودڪش ڌماڪي ۾ مارجي ويل 4 آمريڪن جي سڃاڻپ انٽيليجنس اهلڪارن جي حيثيت سان ٿي وئي آهي.

آمريڪي خابرو اداري سي اين اين موجب اتر شام جي جنگ سٽيل علائقي منبج ۾ ٿيندڙ خودڪش ڌماڪي ۾ مارجي ويل آمريڪين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، چار ئي انٽيليجنس اهلڪار هئا ۽ اهم مشن تي شام ۾ موجود هئا.

مارجي ويلن ۾ هڪ آمريڪي نيوي، هڪ آمريڪي آرمي، هڪ مترجم ۽ چوٿين شخص جي سڃاڻپ ڪنٽريڪٽر طور ٿي آهي جڏهن ته چوٿين شخص جي نالي ۽ عهدي کي ظاهر ناهي ڪيو ويو.

آمريڪي فوج طرفان آ۾ريڪي شهرين جي سڃاڻپ جي حوالي سان ڪوبه بيان جاري ناهي ڪيو ويو جڏهن ته خودڪش ڌماڪي ۾ 4 آمريڪي شهرين جي مارجڻ ۽ 3 آمريڪي فوجين جي زخمي هجڻ جي  تصديق ڪئي وئي هئي.

آمريڪي فوج  جي هڪ اعليٰ اختياري نجي چينل کي ٻڌايو ته انٽيليجنس اهلڪارن جي منبج ۾ موجودگي ۽ ڳجهي مشن بابت ڄاڻ جمع ڪئي پئي وڃي جنهن کانپوءِ حتمي طور تي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.