ٽنڊوڄام ۾ عدالتي پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ ناري جو احتجاج، تحفظ جي گهر

news

ٽنڊوڄام:ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: ٺٽي جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ ٽنڊوڄام پھچي ويو. خبر موجب ٺٽي جي ڳوٺ ايوب خاصخيلي جا رھواسي نظير ملاح ۽ سومل ملاح ٽنڊوڄام پھچي تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته اسان پنھنجي رضامندي سان 16 جنوري 2019 تي حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي.

جنھن بعد ڇوڪريءَ جو ويڳو پيءُ ايوب خاصخيلي ۽ مامو سومار ملاح ۽ يوسف ملاح اسان جي جان جا دشمن بنجي پيا آھن.

جيڪي اسان کي ۽ اسان جي ٻين عزيزن کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن. ھنن آئي جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان تحفظ فراھم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.01