اٽلي جي خوبصورت ترين جاءِ تي هڪ سئو سٺ روپين ۾ گهر خريد ڪريو

news

سسلي: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي گهرن جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته اٽلي تقريبن هر سال پنهنجي ڳوٺ کي وڪرو ڪندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اٽلي جي ڏاکڻي علائقي سسلي جي هڪ خوبصورت ڳوٺ جي گهرن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

هونئن ته اٽلي ۾ سياحت دوران ڪجهه هفتن تائين رهڻ ۾ ئي لکين روپيا خرچ ٿي ويندا آهن پر انتظاميه سسلي جي تاريخي جاءِ پاليرمو کان صرف 68 ڪلوميٽر پري واقع ڳوٺ سمبوڪا ڊي سليسا جي گهرن کي صرف هڪ يورو يعني پاڪستاني  تقريبن 160 روپين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ان آڇ مان ڪجهه ماڻهن فائدو کڻي به ورتو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن گهرن جي خريادري لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون، رپورٽ موجب ڳوٺ مان مقامي ماڻهن جي هلي وڃڻ کانپوءِ انتظاميه مجبور ٿي اتي گهرن جي وڪري جو اعلان ڪيو.