بالي ووڊ اسٽار سلمان خان ڪراچي جي هڪ مارڪيٽ ۾ اچي ويو، شهري حيران

news

ڪراچي: ڇنڇر 19 جنوري 2019ع: بالي ووڊ اسٽار ڪراچي جي هڪ مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪلون سڌيون ڪندي ڏٺو ويو جي ها سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ان وڊيو ڌم مچائي ڇڏي آهي ۽ هينئر تائين لکين ماڻهو ان وڊيو کي ڏسي چڪا آهن.

تفصيل موجب بالي ووڊ اسٽار سلمان خان سان تشبيهه رکندڙ پاڪستاني شهري ڪراچي جي رستن تي ڌم مچائي ڇڏي، سلمان خان سان مشابهت رکندڙ اهو شخص جڏهن ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ پهتو ته ماڻهن سندس تمام گهڻيون وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون.

جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ڪراچي ۾ سلمان خان کي ڏسندڙن جا انبوهه اچي ويا، ماڻهن نه صرف وڊيو کي ڏٺو پر ان کي شيئر به ڪيو.