ساهيوال واقعو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، قاتلن کي سزا ڏني ويندي: ڊاڪٽر عارف علوي

news

 ڪراچي: آچر 20 جنوري 2019ع: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ساهيوال سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ظالم قاتلن کي سزا ڏني ويندي.

صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ساهيوال واقعو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، جن ٻارڙن سامهون سندن والدين کي شهيد ڪيو ويو ان جي ذهن تي ڪيترا ناڪاري اثر پوندا ان جو اندازو مان نٿو لڳائي سگهان، حڪومت انشاءَ الله انهن جو خيال رکندي پر والدين جو ڪو متبادل ناهي هوندو، ظالم قاتلن کي سزا ڏني ويندي.