اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو نصير بئراج جي پچنگ واري ڪم ۾ ڪرپشن ٿيڻ لڳي، جاچ جو مطالبو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: آچر 20 جنوري 2019ع:روهڙي ڪئنال جي ريگوليٽر اڏيرو لال جي ڏهه دري موري وٽان نڪرندڙ نصير بئراج جي هلندڙ بندن جي پچنگ واري ڪم ۾ وڏي پئماني تي ناقص مٽريل استعمال ڪرڻ وارو عمل شروي ٿيڻ بعد وڏي پئماني تي گهوٻيون هنيون پيون وڃن.

ان ڏس ۾ سروي دوران هلندڙ پچنگ واري ڪم ۾ 18 فوٽ جو ڀيم ٺاهڻ بدران 16 فوٽ جو ڀيم ٺاهي 2 فوٽ گهٽ ڪيا ويا آهن، ڪچي پٿر جو استعمال ٿيڻ ۽ سيمنٽ جو گهٽ استعمال هجڻ ڪري پٿر پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي بئراج جي تري  ۾ هليا ويندا، جڏهن ته بندن جو ليول ڪرڻ کانپوءِ ڪرش جو استعمال پڻ تمام گهٽ پئماني تي ڪيو پيو وڃي. ساڳئي طرح پٿرن جو گهٽ ڪرش جي مٿان لڳائڻ ۽ سيمنٽ جو گهٽ استعمال ٿيڻ ڪري بندن کي ويتر ڪمزورڪيو پيو وڃي.

جڏهن ته سيمنٽ جو استعمال هڪ (باءِ ٻه ) جو هئڻ بدران هڪ (باءِ ڇهه) جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏوگڏ هلڪي ڪوالٽي جو سيمنٽ استعمال ڪري ڪروڙين رپين جي ٺيڪي ۾ وڏي پئماني تي گهو ٻيون هنيون پيون وڃن.

اهڙي صورتحال کانپوءِ هتان جي سڄاڻ حلقن جو چوڻ آهي ته بندن جي پچنگ دوران بندن جو سلوپ سنهور ۾ نه هجڻ ڪري پٿر ڀيڙون ڏئي وهڪري ۾ لڙهي سگهن ٿا. جڏهن ته ساڳئي طرح بئراج جي بندن جي تري جي کوٺائي چار فٽ ڪرڻي هئي، جتي ٺيڪدار اڍائي فوٽ ھيٺ کوٺائي ۽ 2 فوٽ ويڪر ڪري ان ۾ ڪچو پٿر هنيو پيو وڃي.

ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪروڙن جي ٺيڪي ۾ ٺيڪيدار کي هڪ سياسي ڌر جي پٺڀرائي حاصل هجڻ ڪري ٺيڪدار جڳاڙي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ايريگيشن جا اعليٰ عملدار جنهن ۾ اي سي، انجنئير، ايس ڊي او، سرويئر، داروغو ۽ ٻيا ملوث ٻڌايا پيا وڃن.

هتان جي سياسي سماجي توڙي شهرين چيئرمين نيب سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نصير بئراج جي بندن جي پچنگ ۾ ٿيندڙ ڪروڙن جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوث عملدارن سميت ٺڪيدار خلاف سخت قدم کڻي بندن جي نئين سر تعميراتي ڪم ڪرايو وڃي.01