هندو ڪائونسل پاڪستان جي اڳوڻ منگلا شرما پاران نئون ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال جو دورو

news

نئون ڪوٽ: آچر 20 جنوري 2019ع:ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ هندو ڪائونسل پاڪستان اڳوڻ ايم پي اي منگلا شرما پاران نئون ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال جو دورو، اسپتال ۾ موجود مريضن سان سهولتن بابت پڇا ڪئي.

اسپتال ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نئون ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، ميرپور خاص ضلعن جي شهرن جو گيٽ وي اسپتال آهي پر افسوس هن اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي.

هن اسپتال ۾ هڪ ايمبولينس آهي، جرنيٽر ايڪسري مشين پڻ نه آهي، صرف ٻه ڊاڪٽر آهن، سنڌ حڪومت رڳو داوئن تائين محدود آهي. هن چيو ته آئون سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور نموني آواز اٿاريندس.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم نئون ڪوٽ يونٽ انچارج بابو مجاز قائمخاني جوائنٽ انچارج عابد قائمخاني، ڪائونسلر ريحان، رضا قائمخاني ۽ ڪائونسلر ڀيرو مل لوهاڻو، سيٺ وڪرم ايسر داس ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01