ساهيوال سانحو: خليل جي وارثن ٻه ڪروڙ امداد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

 ساهيوال: سومر 21 جنوري 2019ع:  ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن هٿان مارجي ويل خليل جي وارثن حڪومت پاران 2 ڪروڙ رپين جي امداد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

خليل جي وارثن مقتول ڪٽنب کي دهشتگرد قرار ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪيو. مقتول جي ڀاءُ جليل چيو ته متاثر ڪٽب کي ٻه ڪروڙ امداد ڏيڻ جون رڳو ڳالهيون آهن، 4 ڪروڙ اسان کان وٺو پوءِ قاتلن کي اسان حوالي ڪريو، اڃا تائين ڪوبه حڪومتي نمائندو داد رسي لاءِ ناهي آيو.

خليل جي ڀيڻ جو چوڻ هو ته اسان جي ڀاءَ کي گهرڀاتين سميت ماريو ويو، اسان وزيراعظم عمران خان کي رڳو اها اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي.

مقتول خليل جي ڀاءُ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب حڪومت پاران اسان سان رابطن واري دعويٰ ڪوڙي آهي، اسان سان پنجاب حڪومت جي ڪنهن به نمائندي هن وقت تائين رابطو ناهي ڪيو.