حب ڀرسان بس ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر: فوتين جو انگ ستاويهه ٿي ويو

news

 حب: اڱارو 22 جنوري 2019ع: گذريل ڏينهن حب ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي ۽ سمورن ماڻهن جا مڙهه ڪراچي جي ايڌي سردخاني ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.

گذريل ڏينهن بيلا ڪراس ويجهو ڪراچي کان پنجگوڙ ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو هو، جنهن کانپوءِ گاڏين ۾ باهه ڀڙڪي اٿي، نتيجي  ۾ 27 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن.

حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاشن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر به شامل آهن، جڏهن ته حادثي جي چئن زخمين کي سول اسپتال ڪراچي ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فوت ٿي ويلن سمورن ماڻهن جا مڙهه ايڌي سردخاني سهراب ڳوٺ منتقل ڪيا ويا آهن، جن کي ڊي اين اي ٽيسٽ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو.