جي آءِ ٽي مقتول خليل ۽ سندس فيملي کي بيڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: اڱارو 22 جنوري 2019ع: پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار ساهيوال سانحي تي ايڊيشنل آءِ جي سي  ٽي ڊي راءِ طاهر کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته جي آءِ ٽي مقتول خليل ۽ سندس فيملي کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پنجاب وڏي وزير سردار عثمان بزدار جي صدارت هيٺ ساهيوال سانحي بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ جي آءِ ٽي ۽ سي ٽي ڊي جي سربراهه سميت آءِ جي پنجاب، قانون وارو وزير راجا بشارت، بلديات وارو وزير عليم خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ساهيوال سانحي جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه اعجاز شاهه واقعي بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وڏي وزير واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو.

پنجاب جي وڏي وزير دوحا ۾ موجود وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ر ابطو ڪيو آهي ۽ فيصلن کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم وڏي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪندي اعليٰ پوليس آفيسرن خلاف ايڪشن جي منظوري ڏني.

اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا بشارت جو چوڻ هو ته رپورٽ موجب خليل جي قتل ۾ سي ٽي جا آفيسر ملوث آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ ايڊيشنل آپريشن پنجاب سي ٽي ڊي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي کي هٽايو ويو آهي جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي سي  ٽي ڊي ۽ ڊي ايس پي ساهيوال کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي جي 5 آفيسرن جي ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

قانون واري وزير ٻڌايو ته سانحي ۾ مارجي ويل ذيشان جاويد جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جي آءِ ٽي وڌيڪ مهلت گهري آهي، راجا بشارت جو چوڻ آهي هو ته اسان جيڪو موقف پيش ڪيو هو ان تي سختي سان عملدرآمد ڪري رهيا آهيون، پنجاب حڪومت مظلوم کي انصاف فراهم ڪري ساهيوال سانحي جي ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس بڻائي انصاف جو معيار قائم ڪندي.