پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي ٽئين مئچ سڀاڻي سينچورين ۾ کيڏي ويندي

news

 سينچورين: خميس 24 جنوري 2019ع: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي بين الاقوامي مئچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين مئچ سڀاڻي جمعي تي سينچورين ۾ کيڏي ويندي، مئچ پاڪستاني وقت مطابق شام 4 وڳي شروع ٿيندي.

شيڊول موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي مئچن جي سيريز جي چوٿين ون ڊي 27 جنوري جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي مئچ 30 جنوري تي کيڏي ويندي، ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي-20 انٽرنيشنل مئچن جي سيريز کيڏي ويندي.